چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘

چانڊيو، شهمير خان ’شهمير‘: شهمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ گاهي، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي جا رهواسي هئا. هن جو ڏاڏو نواز علي بني علم جو تمام وڏو ڄاڻو هو، جيڪو لاڙڪاڻي مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ مقيم ٿيو هو. هن 1912ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي. تعليم جي حصول کان پوءِ روينيوکاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. هيءُ شاگرديءَ واري دؤر ۾ محمد صديق مسافر، مرزا مدد علي بيگ ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن وٽ پڙهيو. هن جو مزاج نهايت ئي اعليٰ گُڻن وارو هو. هن شاعريءَ ۾ غزل، رباعي، مثنوي ۽ منقبت جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيءُ بزم ادب حيدرآباد جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن جو ڪلام ’گلدستو فقير عرف علامه‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ٻن جلدن تي ڇپيل آهي. سندس ڪلام جو پهريون جلد 1936ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 48 ڪافيون ۽ ٻئي جلد ۾ 200 غزل ۽ ڪافيون ۽ هڪ سُر رامڪلي ۽ ٽيهه اکري شامل آهن. هن تي مرزا قليج بيگ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري جو گهرو اثر هو.
شهمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.04.14  عيسوي

شهمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.


1958.06.19  عيسوي

شهمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خلجي رڪن الدين ابراهيم قدر خان
درس للو
سيٺ طيب علي علوي
نصير سومرو 1
بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
ڀاڳناڻي واشو
شاهه اسد
آمنه سومرو ڊاڪٽر
ساره انصاري ڊاڪٽر
اسماعيل شاهه بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون